ٽاڊو واءُ

ٽاڊو واءُ: هي ٻيڙياتن جو اصطلاح آهي. هڪ طرفي واءَ يا هوا کي ’ٽاڊو واءُ‘ چوندا آهن، جيڪو ٻيڙيءَ کي هلڻ مهل رنڊائيندو آهي. ان قسم جو واءُ ملاحن لاءِ منجهائيندڙ هوندو آهي. اهڙي واءُ لڳڻ جي صورت ۾ ملاح ٻيڙي کي اڳتي هلائڻ لاءِ ونجهه به استعمال ڪندا آهن ته جيئن ٻيڙيءَ کي اڳتي هلائي سگهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو